ايوانس جيمس

ايوانس جيمس: مسٽر ايڇ. اي. ايم. جيمس، 1889ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. هن کي سنڌ جي ماحول ۽ معاشري جو خاص تجربو هو، ڇو ته هو تقريباً چار سال ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي سنڌ ۾ رهي چڪو هو ۽ 1872ع ۾ سنڌ جي نائب ڪمشنر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو هئائين. هن جي دؤر ۾ ٽالپرن جي خاندان لاءِ حڪومت جي طرفان پينشن ۽ وظيفو مقرر ٿيو. سندس ئي دؤر ۾ ڪراچيءَ کي ترقي ڏياري وئي. 1885ع ۾ جيمس پنهنجي عهدي تان سبڪدوش ٿي بمبئيءَ هليو ويو. ايوانس جيمس کي 1896ع ۾ ٻيهر سنڌ جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. هن دفعي مسٽر جيمس حُرن کي سزائون ڏيڻ لاءِ نيون تدبيرون ڏنيون ۽ حرن تي تمام گهڻو ظلم ڪيو. هن جي دور ۾ ڪراچيءَ ۾ جانورن جي اسپتال (Richmond Veterinary Hospital) تعمير ٿي. هيءَ اسپتال اڄ به ڪراچيءَ ۾ (بندر روڊ) تي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي قديم عمارت جي ڀرسان واقع آهي. ايوانس جيمس ٻيهر 1898ع ۾ پنهنجي عهدي تان سبڪدوش ٿيو.


لفظ ايوانس جيمسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1889.00.00  عيسوي

ايوانس جيمس: مسٽر ايڇ . اي . ايم . جيمس ، 1889ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو .



مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديوان 1
تل4
تلي 4
ڀاوي پريوڳ
شيخ الاسلام لقب
داٻڙو
ٽاپي
جهال
سنڌ راڻي
سڪو
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون